سنڌ جي جڳ مشھور دانشور جي الانا صاحب پنھنجي ڪتاب ، ” اسان جي آزاي ءَ جا اڳواڻ “ ۾ لکي ٿو ته ” ھوشوءَ جي ڄمڻ جي صحيح تاريخ جي ڪابه ڄاڻ ڪانھن پر مير فتح علي خان جي فرزند مير صوبدار خان جي ڄم جي تاريخ جو علم آھي جيئن ته ھوشو شھيد ، مير صوبدار خان جو ھم عمر ھئڻ سان گڏ سندس سٺو ساٿي ۽ دست پڻ ھو تنھن ڪري ان مان اندازو ڪڍي سگھجي ٿو ته ھوشو شيدي 1801ع ڌاران ڄائو ھوندو . “ جي الانا جھڙي بلند پايي جي دانشور ان ڳالھ جي پڻ تصديق ٿو ڪري ته ” سنڌ جي تاريخ ۾ ھوشوءَ جي حياتيءَ بابت ڪو گھڻو احوال نٿو ملي پري ٿورا اشارا ملن ٿا . “ ھيڏي بھادر سنڌ جرنيل جو سنڌ جي تاريخ ۾ اشارن ۾ ذڪر ملي ٿو ان کان وڌيڪ ناانصافيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگھجي . سنڌ جي تاريخ سنڌين جي معاملي ۾ گونگي رھي آھي پر تاريخدان به گونگا رھيا آھن. نه صرف ھوشو شھيد جي ذڪر پر سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنھن به اھڙي عظيم ۽ بھادر اڳواڻ جو ذڪر چند سٽن کان مٿي ملڻ مشڪل آھي پوءِ اھو ھوشو شھيد ھجي ، پير پاڳارو سورھيه بادشاھ ھجي ، ھيمون ڪالاڻي ھجي ، دولھ دريا خان ھجي ، دودو سورو ھجي يا روپلو ڪولھي ھجي. پر سنڌ جي تارريخ ۽ تاريخدان انھن جي حق انصاف ، سچائي...

Comments
Post a Comment