حافظ شيرازي هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته “ باغ ۾ وري بهاري جي رونق هئي. گل بُلبل کي خوشخبري پئي ڏني.“ جئين ته اڄ اسين سڀ سنڌ واسي سائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضي شاهه)جي 114هين سالگرھ ملهائي رهيا آهيون . سنڌ جي سرسبز علائقي دادو جي مٽي مان ڳوهيل، 17 جنوري 1904 تي اکيون کوليندڙ سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن دراصل اسان لاء پاڻ ۾ جنون کي جوڀن جي حد تائين چاڙهڻ جو ڏينهن آهي . اهڙو جوڀن جنهن ۾ مُنهن ۽ هٿن جا گهنج به جنون جذبي جي جواني تي ڪا پيري آڻڻ کان قاصر هجن. اهو ڏينهن سالن کان سنڌ جي عاشقن ۾ بهار جي پوپٽن واري سرهائي ڏئي نئون اتساھ، نئي جستجو بخشي ٿو. دل هر هر ننڍي ٻار جيان انگل ڪري اٽڪي پئي ٿي ته، هلي ان شهر دادو کي سلاميون ڏجن جٿان کيرٿر جبل جون چوٽيون پسي سگهجن ٿيون ۽ جٿي سنڌ جو مَري سڏيو ويندڙ دنيا جو وڏو سياحي مرڪز گورڪ هل اسٽيشن پڻ موجود آهي، جٿي سن ۾ سائين جي ايم سيد جو جسم سنڌ جي مٽيءَ منجھ مليو پيو آهي. جٿي سنڌ جي پاڪ خاڪ جسم جي موجودگي سان سرهي ۽ جٿي مرده هوندي به جسم فخر سان ابدي ننڊ سمهي سڪون ماڻي رهيو آهي. سائين جي ايم سيد صوفي لاڪوفي هو، پاڻ پنهنجي وسيع مطالعي ۽ ڏاهپ ذريعي دماغ کي هر قسم جي مذهبي مونجهاري کان آزاد ڪري ڇڏيو. هن حافظ شيرازي، رومي کي پڻ گهڻو پڙهي انهن جي نظرين کان متاثر ٿيو. پاڻ مذهبن جي هڪ ٻي سان لهه وچڙ ڏسي چوندو هو ته مذهبن جي ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل آهي. جئين جسم اندر رڳون دل مان کنيل صاف رت جي رسائي سڄي جسم کي ڪن ٿيون سر چوٽي کان وٺي پيرن جي آڱرين تائين، تئين سندس شعور جون رڳون هر وقت ان عمل ۾ رُجهيل هونديون هيون ته صاف رت مثل هدايتون پنهنجي سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ پڄائي ۽ ان کي آزاد جئيندان ڏئي سگهي، جنهن جي رهواسين کي ڪنهن ڌارئي جي قبضي جو خوف نه هجي. هي سنڌ جي صوفي شاعر شاهه عبدالطيف کان بيحد متاثر، ڄڻ ته ان جو شيدائي هو. سندس 60 کان مٿي لکيل ڪتابن ۾ اوهانکي شاھ لطيف جا شعر اهڙي سمجهاڻين، تشبيهن سان ملندا جئين شاھ لطيف سائين جي ايم سيد کي سامهون پاڻ سان گڏ ڀٽ تي ويهاري لکيا هجن. سائين جي ايم سيد شهيد عنايت الله شهيد کي پڻ گهڻو سرهايو آهي ، ان جا شهادت وقت ٻوليل ٻول“ ﺣﻖ ﺟﻲ ﺭﺍﮪ ۾ ﺳﺮ ﻗﺮﺑﺎﻥ ڪﺮﮠ ﺳﺎﻥ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻣﻘﺼﺪ ﭘﻮﺭﻱ ڪﺮﮠ ﺟﻮ ﺫﻣﻮﻥ ﻟﮭﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ“ پڻ سائين جي ايم سيد جي دل وٽان آهن. سائين جي ايم سيد برصغير جي ورهاڱي بعد سنڌ جو اُهو سچو عاشق ثابت ٿيو، جنهن سنڌي تهذيب ثقافت ۽ جاگرافي حدن کي حقيقتن جي آڌار تي الڳ ۽ آزاد قوم ثابت ڪري ان جي با اختيار ٿيڻ جي تحريڪ هلائي . اهڙن ئي سچن عاشقن لاء شاھ لطيف به چوي ٿو “ سوري آه سينگار اڳهين عاشقن جو .“ سائين جن چوي ٿو ته: مون جڏهن به پنهنجي مادر وطن سنڌوديش جي زخمن جو آواز بڻجي ڪائي صدا بلند ڪرڻ پئي گُهري آهي ته، جيلن جي دروازن ۽ گرفتاريءَ جي حڪم نامن منهنجو استقبال پئي ڪيو آهي . ڪيترا ڀيرا ته مون تي خوني حملا ڪرائي منهنجيء حياتي کي ختم ڪرڻ جون سازشون ۽ ڪوششون به ٿيون . ان سڀ جي باوجود مونکي ڪڏهن به ان سموري عرصي ۾ ڪنهن به عدالت ۾ پنهنجو موقف پنهنجي ديس ڌرتيءَ جي تاريخي فرياد ۽ پنهنجي قوم جي محڪوميءَ جو داستان پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو .“ سائين جي ايم سيد پنهنجي سياسي بلوغت سان هڪ خاموش انقلاب آڻڻ لاء هٿيارن بارودن ۽ بمن بدران ڏاهپ ۽ صبر جو مظاهرو ڪري سڀني اڳواڻن کي حيران ڪيو . هو انسان دوست ماڻهو سڄي حياتي ڪنهن واٽر فلٽر جيان آلوده ذهنن کي واش ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙيندو رهيو . سڀني ساٿين جي ڇڏي وڃڻ بعد ان جدوجهد جي اڻانگهي سفر ۾ جٿي دوستن تي دشمنن جو پاڇو پئجي رهيو هو ، جٿي ڪيترا ئي ڀروسي وارا اوچتا ڌوکا ڏئي پير پوئين طرف ڪري رهيا هئا ، جڏهن وقت جو گهڙيال ويرين حوالي هو ، ان عرصي ۾ به نه قدم سندس بيٺا ، نه ٿاٻا کائي زخمي ٿيا، نه پوئتي وريا . رسول ڪريم صه جي حديث “ وطن جي محبت ايمان جو حصو آهي“ کي هدايتنامو بڻائي، سائين جي ايم سيد سنڌ ۽ سنڌين جي محبت خاطر ، انهن جي جائز حق جي جنگ جوٽڻ واري ايمان ۾ ايڏي پختگي آندي جو ڏونگر ڏري پون پر ايمان لوڏو نه کائي . ائين ٿي لڳو هي جهونو سنڌ جو عاشق پنهنجي عشق ۾ اڃا اوترو ئي جوان آهي جيترو 17 سالن جي عمر ۾ هيو. سائين جي ايم سيد جيڪو پنهنجي سنڌ جي آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلو ٿي وکون ڀري رهيو هو، پر ڏسجي ته سندس حق سچ جي جدوجهد کي مڃيندي قافلا ۽ ٽوليون ان جي پويان ٺهنديون پئي ويون ۽ سندس پوئيواري ڪنديون رهيون . هن سنڌ ڌرتي کي آزاد ڪرائڻ خاطر پاڻ وڃائڻ جو جذبو جاڳائي ورتو هيو. بيدل فقير چواڻي ته ”سک رمز وجود وڃاوڻ دي، نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي “ ـ سندس سحر انگيز شخصيت دادو ضلعي جي سن شهر نه، بلڪه سڄي سنڌ لاء هڪ آزادي جو سڏ ، هڪ آزاد ديش جي خواب جي اها تعبير پئي لڳي ڄڻ ورهين کان اوجاڳيل اکين جو ڏٺل خواب اڄ پورو ٿيندي اکين جي سامهون هو، جو اکين جي پنبڻين به جهپڪڻ کان نابري ٿي واري .سندس لفظ پُر اثر ۽ شخصيت ڌاڪو ڄمائيندڙ هئي. رُعب ۽ عاجزي جا ٻئي عنصر ان جي شخصيت کي هڪ وڏو اڳواڻ بڻائي رهيا هئا. ائين چوندي غلط نه ٿيندو ته هي دنيا جو به اڪيلو شخص هو، جنهن سنڌو ديش جو نقشو الڳ ترتيب ڏئي سڀ زميني سرحدون مقرر ڪيون ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ورڇ پڻ اڻ ڌرئي طريقي سان ڪري پوري هڪ آزاد قوم جو نظريو ڏنو. سندس ساھ پڄاڻان سندس سنڌ جي خودمختياري لاء هلايل لازوال تحريڪ ماٺي پئجي وئي آهي. جئين سمنڊ اندر ڪجھ دير لاء ايڏو زور اچي وڃي ٿو جو ويرون چڙهڻ سبب سامونڊي طوفان حدون پار ڪري ٿو ، پر ڪنهن پل ، ڪنهن سانت ۾ اهو ئي ڇوليون هڻي للڪاريندڙ سمنڊ خاموش ٿي وڃي ٿو. سائين جي ايم سيد سنڌ کي ڪٺو ڪرڻ لاء هر ممڪن حد تائين پنهنجي ڪمپيوٽر جهڙي تيز دماغ کان ڪم وٺندو رهيو، جنهن لاء نظربندين ۽ جيلن جون رڪاوٽون وڌيون ويون، پر هو ته ننگرپارڪر ۾ موجود ڪارونجهر جبل جيان اٽل ۽ اونچو هو . مڙڻ ۽ جهڪڻ هن جي انساني فطرت ۾ شامل نه هيو ـ ـ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ ۾ ۽ ان کي گڏيل هندوستان جي تسلط کان جدا ڪري الڳ خودمختيار صوبو ٺاهڻ ۾ پڻ سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد تاريخ جي سنهري صفحن تي ائين چمڪي رهي آهي جئين ڪا چٽي چانڊاڻ هجي. پر ان لاء انهن آل انڊيا جماعتن جي پڻ وڏي مدد ورتي ، ڇوته سنڌ جا ئي ڪجھ با اثر ماڻهو سنڌ جي بمبئي کان آزدي جا سگهارا مخالف هئا. ان سهڪار جي پڻ وڏي سياسي ۽ فڪري قيمت بعد ۾ وصول ڪئي وئي. پنج هزارن جي شاندار ۽ شاهوڪار تهذيب رکندڙ سنڌوندي تي وسندڙ سنڌ، جنهن جي سونهن مان هرڪجي ڪيترن ئي عربن، مغلن، ترخانن، ارغونن حملا ڪري قبضي هيٺ ڪيو ۽ سنڌين کي بدترين غلام بڻايو ، پر هر دور ۾ سنڌ جي حفاظت لاء ان جا سپوت ايندا رهيا آهن. ائين ئي سائين جي ايم سيد ننڍي عمر کان ئي انگريزن توڙي هندن جو سنڌ مٿان غلبو ڏسي تحريڪ هلائيندو رهيو جيڪا آهستي آهستي زور وٺندي آئي. سائين جن جڏهن ڪانگريس پارٽي اندر سنڌ جي مطالبن کي نظرانداز ڪرڻ واري سياست ڏٺي ته، عليحدگي ڪري وڏي اميد سان 1938ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي سنڌ آمد تي آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو . مسلم ليگ سنڌ جو صدر پڻ 1943ع ۾ ٿيو. 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جو 1940 وارو ٺهراء پڻ سائين جي ايم سيد پيش ڪيو. اهو ٺهراءُ منظور ڪرائڻ وقت سائين جي ايم سيد تقرير ڪندي چيو هيو ته ”اسانجو مقصد آزاد ترقي يافته متحده قوم بنائڻ جو آهي ، ان جو بهتر ذريعو اهو آهي ته هندن ۽ مسلمانن کي سندن اڪثريت وارن علائقن ۾ ڪلچر ۽ روايتن موجب آزاد مناسب موقعا ملڻ گهرجن“. سائين جي ايم سيد جي جُرائت کي سلام آهي جنهن بنا ڪنهن ڳجھ جي پنهنجي ڪيل غلطين کي عوام آڏو قبول ڪري، انهن کي پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ درج ڪندي ماتر ڀومي سنڌ کان پڻ معافي طلب ڪيائون. سندن موجب ته اسانکي جڏهن سنڌ جي آزادي لاء جدوجهد ڪرڻ کپي پئي ته اسان ان وقت مسلم ليگ جي، منهن ۾ مُلا اندر ۾ ابليس يا هٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڪاتي جهڙي ٻهروپي سياست ۾ اچي راھ ڀلجي پياسين. اسان سمجهو ته مسلم ليگ جيڪا آزاد مسلمان ملڪ جي تحريڪ هلائي پئي ان هيٺ اسانکي هندوستاني تسلط کان آزاد سنڌ ملندي. ڀلي اسين پاڪستان ۾ شامل هجون پر خودمختياري ۽ وسيلن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي . پر پاڪستان پنجابي سامراج کي طاقتور بنائڻ لاء مذهب کي بنياد بڻائي ٺاهيو ويو ۽ ان جو مقصد صرف سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن کي پنهنجي فائدي لاء استمعال ڪرڻ هيو. جئين ڪانءُ کي ڦاسائڻ لاء داڻو اڇلبو آهي تهڙي ئي لوڀ مسلم ليگ جي ٺيڪيدارن وٽ موجود هئي. ان جي خبر اسانکي تڏهن پئي جڏهن ڪافي دير ٿي وئي هئي. اسان مسلم ليگ نه صرف مسلمانن جي پر سنڌين جي نمائنده جماعت سمجهي ان کي سنڌ جي هر گهر تائين پهچايو. مون پاڻ ان جي مشهوري ۽ ان جي مطالبن جي لسٽ کڻي هر واهڻ وستي تائين رسائي ڪئي هئي. اها ئي مسلم ليگ سنڌ جي مدبر سياستدانن کي صرف ڪورو ڪاغذ سمجهي استمعال ڪري پوء منهن موڙڻ ئي بهتر سمجهيو. ائين جنهن مسلم ليگ جو مثبت چهرو هر سنڌي جي اڳيان هو ، اها هڪ قول ۽ فعل ۾ تفاوت رکندڙ جماعت ثابت ٿي . پر ان جي پت وائکي ٿيڻ کان اڳ سنڌين وٽ مسلم ليگ لاءدلين اندر جايون هيون ، جنهن ڪري سائين جي ايم سيد جي ئي ڪوششن ۽ مهم سان سنڌ اسيمبلي اندران پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ان مان صاف اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ واسي سائين جي ايم سيد جي اڳواڻي تي مڪمل اعتماد رکندا هئا . انهي اعتماد کي قائم رکندي سائين جي ايم سيد جڏهن سنڌ کي استمعال ٿيندي ڏٺو ته، هڪدم رستا جدا ڪرڻ لاء تيار ٿي بيٺو. حالانڪه ان کي مسلم ليگ جي لامشروط حمايت تي وڏن عُهدن جي نالي تي انعامن جي لالچ پڻ ڌني وئي ، پر هن سنڌ جي سوديبازي فقط عُهدن عيوض قبول ڪرڻ کي مهڻو سمجهيو ۽ تاريخ آڏو شرمنده ٿيڻ بدران سرخرو ٿيندي سنڌ جي آزادي لاء سڄي ان قافلي کان نڪري اڪيلو ٿي بيٺو ، جنهن قافلي جي سرواڻي ڪندڙ سنڌ کي ننڍو ڀاءُ ڪوٺي پنجاب جي ماتحت ڪرڻ جا حامي هئا. سندس چواڻي موجب “زندگي ۽ روح غير محدود ۽ بي انت آهن. انهن کي ڪن مقرر رستن ۽ رڪاوٽن سان محدود بنائڻ منهنجي جذبه آزادي ۽ روح انقلاب جي خلاف آهي.“ شايد ٻيو ڪو سياستدان هجي ها ته ايڏي مخالفت ڪرڻ کان ان ڪري به پاسو ڪري ها، جو انکي گهاٽن دوستن جي دشمني ۾ تبديل ٿيڻ جو مقابلو ڪرڻو پوي ها، پر هي سنڌو ماتا جو اهو پُٽ هو جيڪو ڄمندي قسم کڻي آيو هيو ته پنهنجي جئيري ڌرتي تي ڪا ذاتي يا اجتماعي سوديبازي نه ڪندس. ڇوته ماءُ ۽ ڌرتي کي حلالي پٽ ڪڏهن وڪڻندا ناهن ـ سائين جي ايم سيد پنهنجو بهترين نظريو ڏنو آهي جنهن موجب آزاد سنڌ جي تشڪيل ڪري سگهجي پئي. سنڌ هڪ الڳ زمين جو خطو آهي جنهنکي ڪنهن ٻي قوم ۾ ضم هرگز ڪري نٿو سگهي. سائين جي ايم سيد جڏهن مسلم ليگين جي سنڌ سان ٿيل انتها جي نا انصافي ڏٺي ته، نيٺ سنڌ کي الڳ ملڪ بنائي سنڌوديش جي گهر ڪيائين. ڪارل مارڪس ۽ مهاتما گانڌي کان متاثر سائين جي ايم سيد بزم صوفياء سنڌ، سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي پليٽفارمن تان سنڌ لاء جهر جهنگ تائين جاکوڙيو. ٿر برن جي ٿڌ ۾ ٿڌري ٿيل ۽ اونهاري ۾ تتل واريءَ جر لُوهه سهي ۽ پلر جو مٺو پاڻي چکي ئي نيٺ 1972ع ۾ سياسي قومپرست جماعت سنڌ متحده محاذ جوڙيائين جنهن ”جيئي سنڌ سدا جيئي“ جو نعرو ڏنو. اها جماعت هوشو شيدي جي ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جي نعري جو ڄڻ ته ورناءُ هئي. اها هڪ متحرڪ سياسي جماعت هئي جنهنجي منشور جي تعمير صفا ويجهي هئي. سائين جي ايم سيد ان جماعت ذريعي سنڌوديش جي گُهر ڪئي. پر رياستي ڪرفيو ان مٿان لڳائي سندس چُرپر تي پڻ پابندي وڌي وئي. هن زندگي جا 21 سال جيل جي ڪال ڪوٺڙين اندر نامناسب ماحول ۾ گزاري به آڻ نه مڃي . نيٺ انهي نظربندي ۾ ئي پساھ پورا ڪيائين
حافظ شيرازي هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته “ باغ ۾ وري بهاري جي رونق هئي. گل بُلبل کي خوشخبري پئي ڏني.“ جئين ته اڄ اسين سڀ سنڌ واسي سائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضي شاهه)جي 114هين سالگرھ ملهائي رهيا آهيون . سنڌ جي سرسبز علائقي دادو جي مٽي مان ڳوهيل، 17 جنوري 1904 تي اکيون کوليندڙ سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن دراصل اسان لاء پاڻ ۾ جنون کي جوڀن جي حد تائين چاڙهڻ جو ڏينهن آهي . اهڙو جوڀن جنهن ۾ مُنهن ۽ هٿن جا گهنج به جنون جذبي جي جواني تي ڪا پيري آڻڻ کان قاصر هجن. اهو ڏينهن سالن کان سنڌ جي عاشقن ۾ بهار جي پوپٽن واري سرهائي ڏئي نئون اتساھ، نئي جستجو بخشي ٿو. دل هر هر ننڍي ٻار جيان انگل ڪري اٽڪي پئي ٿي ته، هلي ان شهر دادو کي سلاميون ڏجن جٿان کيرٿر جبل جون چوٽيون پسي سگهجن ٿيون ۽ جٿي سنڌ جو مَري سڏيو ويندڙ دنيا جو وڏو سياحي مرڪز گورڪ هل اسٽيشن پڻ موجود آهي، جٿي سن ۾ سائين جي ايم سيد جو جسم سنڌ جي مٽيءَ منجھ مليو پيو آهي. جٿي سنڌ جي پاڪ خاڪ جسم جي موجودگي سان سرهي ۽ جٿي مرده هوندي به جسم فخر سان ابدي ننڊ سمهي سڪون ماڻي رهيو آهي. سائين جي ايم سيد صوفي لاڪوفي هو، پاڻ پنهنجي وسيع مطالعي ۽ ڏاهپ ذريعي دماغ کي هر قسم جي مذهبي مونجهاري کان آزاد ڪري ڇڏيو. هن حافظ شيرازي، رومي کي پڻ گهڻو پڙهي انهن جي نظرين کان متاثر ٿيو. پاڻ مذهبن جي هڪ ٻي سان لهه وچڙ ڏسي چوندو هو ته مذهبن جي ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل آهي. جئين جسم اندر رڳون دل مان کنيل صاف رت جي رسائي سڄي جسم کي ڪن ٿيون سر چوٽي کان وٺي پيرن جي آڱرين تائين، تئين سندس شعور جون رڳون هر وقت ان عمل ۾ رُجهيل هونديون هيون ته صاف رت مثل هدايتون پنهنجي سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ پڄائي ۽ ان کي آزاد جئيندان ڏئي سگهي، جنهن جي رهواسين کي ڪنهن ڌارئي جي قبضي جو خوف نه هجي. هي سنڌ جي صوفي شاعر شاهه عبدالطيف کان بيحد متاثر، ڄڻ ته ان جو شيدائي هو. سندس 60 کان مٿي لکيل ڪتابن ۾ اوهانکي شاھ لطيف جا شعر اهڙي سمجهاڻين، تشبيهن سان ملندا جئين شاھ لطيف سائين جي ايم سيد کي سامهون پاڻ سان گڏ ڀٽ تي ويهاري لکيا هجن. سائين جي ايم سيد شهيد عنايت الله شهيد کي پڻ گهڻو سرهايو آهي ، ان جا شهادت وقت ٻوليل ٻول“ ﺣﻖ ﺟﻲ ﺭﺍﮪ ۾ ﺳﺮ ﻗﺮﺑﺎﻥ ڪﺮﮠ ﺳﺎﻥ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻣﻘﺼﺪ ﭘﻮﺭﻱ ڪﺮﮠ ﺟﻮ ﺫﻣﻮﻥ ﻟﮭﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ“ پڻ سائين جي ايم سيد جي دل وٽان آهن. سائين جي ايم سيد برصغير جي ورهاڱي بعد سنڌ جو اُهو سچو عاشق ثابت ٿيو، جنهن سنڌي تهذيب ثقافت ۽ جاگرافي حدن کي حقيقتن جي آڌار تي الڳ ۽ آزاد قوم ثابت ڪري ان جي با اختيار ٿيڻ جي تحريڪ هلائي . اهڙن ئي سچن عاشقن لاء شاھ لطيف به چوي ٿو “ سوري آه سينگار اڳهين عاشقن جو .“ سائين جن چوي ٿو ته: مون جڏهن به پنهنجي مادر وطن سنڌوديش جي زخمن جو آواز بڻجي ڪائي صدا بلند ڪرڻ پئي گُهري آهي ته، جيلن جي دروازن ۽ گرفتاريءَ جي حڪم نامن منهنجو استقبال پئي ڪيو آهي . ڪيترا ڀيرا ته مون تي خوني حملا ڪرائي منهنجيء حياتي کي ختم ڪرڻ جون سازشون ۽ ڪوششون به ٿيون . ان سڀ جي باوجود مونکي ڪڏهن به ان سموري عرصي ۾ ڪنهن به عدالت ۾ پنهنجو موقف پنهنجي ديس ڌرتيءَ جي تاريخي فرياد ۽ پنهنجي قوم جي محڪوميءَ جو داستان پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو .“ سائين جي ايم سيد پنهنجي سياسي بلوغت سان هڪ خاموش انقلاب آڻڻ لاء هٿيارن بارودن ۽ بمن بدران ڏاهپ ۽ صبر جو مظاهرو ڪري سڀني اڳواڻن کي حيران ڪيو . هو انسان دوست ماڻهو سڄي حياتي ڪنهن واٽر فلٽر جيان آلوده ذهنن کي واش ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙيندو رهيو . سڀني ساٿين جي ڇڏي وڃڻ بعد ان جدوجهد جي اڻانگهي سفر ۾ جٿي دوستن تي دشمنن جو پاڇو پئجي رهيو هو ، جٿي ڪيترا ئي ڀروسي وارا اوچتا ڌوکا ڏئي پير پوئين طرف ڪري رهيا هئا ، جڏهن وقت جو گهڙيال ويرين حوالي هو ، ان عرصي ۾ به نه قدم سندس بيٺا ، نه ٿاٻا کائي زخمي ٿيا، نه پوئتي وريا . رسول ڪريم صه جي حديث “ وطن جي محبت ايمان جو حصو آهي“ کي هدايتنامو بڻائي، سائين جي ايم سيد سنڌ ۽ سنڌين جي محبت خاطر ، انهن جي جائز حق جي جنگ جوٽڻ واري ايمان ۾ ايڏي پختگي آندي جو ڏونگر ڏري پون پر ايمان لوڏو نه کائي . ائين ٿي لڳو هي جهونو سنڌ جو عاشق پنهنجي عشق ۾ اڃا اوترو ئي جوان آهي جيترو 17 سالن جي عمر ۾ هيو. سائين جي ايم سيد جيڪو پنهنجي سنڌ جي آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلو ٿي وکون ڀري رهيو هو، پر ڏسجي ته سندس حق سچ جي جدوجهد کي مڃيندي قافلا ۽ ٽوليون ان جي پويان ٺهنديون پئي ويون ۽ سندس پوئيواري ڪنديون رهيون . هن سنڌ ڌرتي کي آزاد ڪرائڻ خاطر پاڻ وڃائڻ جو جذبو جاڳائي ورتو هيو. بيدل فقير چواڻي ته ”سک رمز وجود وڃاوڻ دي، نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي “ ـ
سندس سحر انگيز شخصيت دادو ضلعي جي سن شهر نه، بلڪه سڄي سنڌ لاء هڪ آزادي جو سڏ ، هڪ آزاد ديش جي خواب جي اها تعبير پئي لڳي ڄڻ ورهين کان اوجاڳيل اکين جو ڏٺل خواب اڄ پورو ٿيندي اکين جي سامهون هو، جو اکين جي پنبڻين به جهپڪڻ کان نابري ٿي واري .سندس لفظ پُر اثر ۽ شخصيت ڌاڪو ڄمائيندڙ هئي. رُعب ۽ عاجزي جا ٻئي عنصر ان جي شخصيت کي هڪ وڏو اڳواڻ بڻائي رهيا هئا. ائين چوندي غلط نه ٿيندو ته هي دنيا جو به اڪيلو شخص هو، جنهن سنڌو ديش جو نقشو الڳ ترتيب ڏئي سڀ زميني سرحدون مقرر ڪيون ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ورڇ پڻ اڻ ڌرئي طريقي سان ڪري پوري هڪ آزاد قوم جو نظريو ڏنو. سندس ساھ پڄاڻان سندس سنڌ جي خودمختياري لاء هلايل لازوال تحريڪ ماٺي پئجي وئي آهي. جئين سمنڊ اندر ڪجھ دير لاء ايڏو زور اچي وڃي ٿو جو ويرون چڙهڻ سبب سامونڊي طوفان حدون پار ڪري ٿو ، پر ڪنهن پل ، ڪنهن سانت ۾ اهو ئي ڇوليون هڻي للڪاريندڙ سمنڊ خاموش ٿي وڃي ٿو. سائين جي ايم سيد سنڌ کي ڪٺو ڪرڻ لاء هر ممڪن حد تائين پنهنجي ڪمپيوٽر جهڙي تيز دماغ کان ڪم وٺندو رهيو، جنهن لاء نظربندين ۽ جيلن جون رڪاوٽون وڌيون ويون، پر هو ته ننگرپارڪر ۾ موجود ڪارونجهر جبل جيان اٽل ۽ اونچو هو . مڙڻ ۽ جهڪڻ هن جي انساني فطرت ۾ شامل نه هيو ـ
ـ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ ۾ ۽ ان کي گڏيل هندوستان جي تسلط کان جدا ڪري الڳ خودمختيار صوبو ٺاهڻ ۾ پڻ سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد تاريخ جي سنهري صفحن تي ائين چمڪي رهي آهي جئين ڪا چٽي چانڊاڻ هجي. پر ان لاء انهن آل انڊيا جماعتن جي پڻ وڏي مدد ورتي ، ڇوته سنڌ جا ئي ڪجھ با اثر ماڻهو سنڌ جي بمبئي کان آزدي جا سگهارا مخالف هئا. ان سهڪار جي پڻ وڏي سياسي ۽ فڪري قيمت بعد ۾ وصول ڪئي وئي. پنج هزارن جي شاندار ۽ شاهوڪار تهذيب رکندڙ سنڌوندي تي وسندڙ سنڌ، جنهن جي سونهن مان هرڪجي ڪيترن ئي عربن، مغلن، ترخانن، ارغونن حملا ڪري قبضي هيٺ ڪيو ۽ سنڌين کي بدترين غلام بڻايو ، پر هر دور ۾ سنڌ جي حفاظت لاء ان جا سپوت ايندا رهيا آهن. ائين ئي سائين جي ايم سيد ننڍي عمر کان ئي انگريزن توڙي هندن جو سنڌ مٿان غلبو ڏسي تحريڪ هلائيندو رهيو جيڪا آهستي آهستي زور وٺندي آئي. سائين جن جڏهن ڪانگريس پارٽي اندر سنڌ جي مطالبن کي نظرانداز ڪرڻ واري سياست ڏٺي ته، عليحدگي ڪري وڏي اميد سان 1938ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي سنڌ آمد تي آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو . مسلم ليگ سنڌ جو صدر پڻ 1943ع ۾ ٿيو. 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جو 1940 وارو ٺهراء پڻ سائين جي ايم سيد پيش ڪيو. اهو ٺهراءُ منظور ڪرائڻ وقت سائين جي ايم سيد تقرير ڪندي چيو هيو ته ”اسانجو مقصد آزاد ترقي يافته متحده قوم بنائڻ جو آهي ، ان جو بهتر ذريعو اهو آهي ته هندن ۽ مسلمانن کي سندن اڪثريت وارن علائقن ۾ ڪلچر ۽ روايتن موجب آزاد مناسب موقعا ملڻ گهرجن“. سائين جي ايم سيد جي جُرائت کي سلام آهي جنهن بنا ڪنهن ڳجھ جي پنهنجي ڪيل غلطين کي عوام آڏو قبول ڪري، انهن کي پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ درج ڪندي ماتر ڀومي سنڌ کان پڻ معافي طلب ڪيائون. سندن موجب ته اسانکي جڏهن سنڌ جي آزادي لاء جدوجهد ڪرڻ کپي پئي ته اسان ان وقت مسلم ليگ جي، منهن ۾ مُلا اندر ۾ ابليس يا هٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڪاتي جهڙي ٻهروپي سياست ۾ اچي راھ ڀلجي پياسين. اسان سمجهو ته مسلم ليگ جيڪا آزاد مسلمان ملڪ جي تحريڪ هلائي پئي ان هيٺ اسانکي هندوستاني تسلط کان آزاد سنڌ ملندي. ڀلي اسين پاڪستان ۾ شامل هجون پر خودمختياري ۽ وسيلن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي . پر پاڪستان پنجابي سامراج کي طاقتور بنائڻ لاء مذهب کي بنياد بڻائي ٺاهيو ويو ۽ ان جو مقصد صرف سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن کي پنهنجي فائدي لاء استمعال ڪرڻ هيو. جئين ڪانءُ کي ڦاسائڻ لاء داڻو اڇلبو آهي تهڙي ئي لوڀ مسلم ليگ جي ٺيڪيدارن وٽ موجود هئي. ان جي خبر اسانکي تڏهن پئي جڏهن ڪافي دير ٿي وئي هئي. اسان مسلم ليگ نه صرف مسلمانن جي پر سنڌين جي نمائنده جماعت سمجهي ان کي سنڌ جي هر گهر تائين پهچايو. مون پاڻ ان جي مشهوري ۽ ان جي مطالبن جي لسٽ کڻي هر واهڻ وستي تائين رسائي ڪئي هئي. اها ئي مسلم ليگ سنڌ جي مدبر سياستدانن کي صرف ڪورو ڪاغذ سمجهي استمعال ڪري پوء منهن موڙڻ ئي بهتر سمجهيو. ائين جنهن مسلم ليگ جو مثبت چهرو هر سنڌي جي اڳيان هو ، اها هڪ قول ۽ فعل ۾ تفاوت رکندڙ جماعت ثابت ٿي . پر ان جي پت وائکي ٿيڻ کان اڳ سنڌين وٽ مسلم ليگ لاءدلين اندر جايون هيون ، جنهن ڪري سائين جي ايم سيد جي ئي ڪوششن ۽ مهم سان سنڌ اسيمبلي اندران پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ان مان صاف اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ واسي سائين جي ايم سيد جي اڳواڻي تي مڪمل اعتماد رکندا هئا . انهي اعتماد کي قائم رکندي سائين جي ايم سيد جڏهن سنڌ کي استمعال ٿيندي ڏٺو ته، هڪدم رستا جدا ڪرڻ لاء تيار ٿي بيٺو. حالانڪه ان کي مسلم ليگ جي لامشروط حمايت تي وڏن عُهدن جي نالي تي انعامن جي لالچ پڻ ڌني وئي ، پر هن سنڌ جي سوديبازي فقط عُهدن عيوض قبول ڪرڻ کي مهڻو سمجهيو ۽ تاريخ آڏو شرمنده ٿيڻ بدران سرخرو ٿيندي سنڌ جي آزادي لاء سڄي ان قافلي کان نڪري اڪيلو ٿي بيٺو ، جنهن قافلي جي سرواڻي ڪندڙ سنڌ کي ننڍو ڀاءُ ڪوٺي پنجاب جي ماتحت ڪرڻ جا حامي هئا. سندس چواڻي موجب “زندگي ۽ روح غير محدود ۽ بي انت آهن. انهن کي ڪن مقرر رستن ۽ رڪاوٽن سان محدود بنائڻ منهنجي جذبه آزادي ۽ روح انقلاب جي خلاف آهي.“ شايد ٻيو ڪو سياستدان هجي ها ته ايڏي مخالفت ڪرڻ کان ان ڪري به پاسو ڪري ها، جو انکي گهاٽن دوستن جي دشمني ۾ تبديل ٿيڻ جو مقابلو ڪرڻو پوي ها، پر هي سنڌو ماتا جو اهو پُٽ هو جيڪو ڄمندي قسم کڻي آيو هيو ته پنهنجي جئيري ڌرتي تي ڪا ذاتي يا اجتماعي سوديبازي نه ڪندس. ڇوته ماءُ ۽ ڌرتي کي حلالي پٽ ڪڏهن وڪڻندا ناهن ـ
سائين جي ايم سيد پنهنجو بهترين نظريو ڏنو آهي جنهن موجب آزاد سنڌ جي تشڪيل ڪري سگهجي پئي. سنڌ هڪ الڳ زمين جو خطو آهي جنهنکي ڪنهن ٻي قوم ۾ ضم هرگز ڪري نٿو سگهي. سائين جي ايم سيد جڏهن مسلم ليگين جي سنڌ سان ٿيل انتها جي نا انصافي ڏٺي ته، نيٺ سنڌ کي الڳ ملڪ بنائي سنڌوديش جي گهر ڪيائين. ڪارل مارڪس ۽ مهاتما گانڌي کان متاثر سائين جي ايم سيد بزم صوفياء سنڌ، سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي پليٽفارمن تان سنڌ لاء جهر جهنگ تائين جاکوڙيو. ٿر برن جي ٿڌ ۾ ٿڌري ٿيل ۽ اونهاري ۾ تتل واريءَ جر لُوهه سهي ۽ پلر جو مٺو پاڻي چکي ئي نيٺ 1972ع ۾ سياسي قومپرست جماعت سنڌ متحده محاذ جوڙيائين جنهن ”جيئي سنڌ سدا جيئي“ جو نعرو ڏنو. اها جماعت هوشو شيدي جي ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جي نعري جو ڄڻ ته ورناءُ هئي. اها هڪ متحرڪ سياسي جماعت هئي جنهنجي منشور جي تعمير صفا ويجهي هئي. سائين جي ايم سيد ان جماعت ذريعي سنڌوديش جي گُهر ڪئي. پر رياستي ڪرفيو ان مٿان لڳائي سندس چُرپر تي پڻ پابندي وڌي وئي. هن زندگي جا 21 سال جيل جي ڪال ڪوٺڙين اندر نامناسب ماحول ۾ گزاري به آڻ نه مڃي . نيٺ انهي نظربندي ۾ ئي پساھ پورا ڪيائين
Comments
Post a Comment