سيد جي فڪر سان سلهاڙيل سنڌ جو ارڏي پٽ جيلن ۾ ڪيتريون ئي سختيون سَٺيون پر پوءِ به ان جا ارادا هماليه جيان اُچا رهيا، پوءِ سندس جا اردا اٽل رهيا ۽ نظرون سنڌ ڌرتيءَ تي اٽڪيل رهيون، پوءِ به قوم لاءِ تڙپندو رهيو، بشير خان قريشي، کي هر ماڻهوءَ محبت ۽ عزت ڏيندو هو، بشير خان جڏهن ڪنهن به گهٽي مان لنگهندو هو ته سندس بزرگ به پاڻ اچي ملندا هُيس، بشير خان قريشي لاءِ بي سهارا امڙين جو سهارو هو، ڪيترا ئي سنڌ جا نوجوان گم ڪيا ويا، گم ٿيل ڪارڪنن جي امڙيون هن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي رئنديون هيون، انهن لاءِ انهن جو اهو پث هوندو هو، بشير خان قريشي جيڪو، پاڻ ته هڪ اهڙي عظيم شخصيت هو جنهن سياسي هلچل ملڪ ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو هو جنهن پرکي ورتو هو ته روڊن تي نڪرڻ سان ئي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ان لاءِ بشير خان قريشي پاڻ اُٿي کڙو ٿيو ۽ قومي ڪارڪنن کي سڏ ڪيائين ته اچو ته سنڌ ڌرتيءَ سان ناانصافين خلاف جدوجهد ڪيون، بشير خان قومپرست سياست کي عبادت سمجهندو هو، جتي عقل کٽي اتان عشق ڦٽي وارو مثال بشير خان سان ٺهڪي ٿو. هو ان واٽ جو پانڌيئڙو آهي جنهن تي هلندڙ انقلابين وقت جا حاڪم قيد ڪريو ڇڏين.

سي ماڻهون مور نه مرڻا آهن، سي ويس مٽائي ورڻا آ
هن

Comments

Popular posts from this blog