دنيا ۾ جيڪي به تبديليون آيون آهن اهي ننڍڙن ماڻهن آنديون آهن. جڏهن اهي تبديليون انهن ننڍڙن ماڻهن آنديون تڏهن اهي تاريخ جا وڏا ماڻهو ٿي اڀري پيا ۽ دنيا ۾ شخص ائين ئي ننڍڙي ڪوشش سان وڏا ٿي پون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ٻلهڙيجي جي نوجوان حسن پيرزادي ۽ سندس ساٿين 6 ڊسمبر کي سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي ملهائڻ جي ڳالهه ميسيج ۽ اخبار جي هڪ ڪالمي خبر سان ڪئي. اها تاريخ مقرر ڪرڻ جو ڪريڊٽ ان نوجوان کي نه ڏيڻ وڏي ناانصافي چئبي، پر ثقافت کي بچائڻ جو اهو سمورو ڪريڊٽ سنڌ جي ان سيد ڏانهن به وڃي ٿو جنهن لياقت علي خان جي ان لفظن ته ”سنڌي قوم جو ڪلچر گڏهن ۽ اُٺن هڪلڻ وارو آهي.“ جي موٽ ۾ سنڌ جي ڪلچر جي وارثيءَ لاءِ سنڌ جي بزرگن جي مزارن تي ميلا لڳائڻ ۽”سنڌي ڪلچر“ نالي ڪتاب لکي سنڌي قوم کي ثقافتي طرح سان هڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنهن به طرح سان فراموش نه ٿيون ڪري سگهجن. ان وقت سنڌ جا ساڃاهه وند شايد سيد جي ان ڳالهه کي ٻاراڻو عمل سمجهيو پر پنجاهه سالن کانپوءِ تاريخ ثابت ڪيو ته جڏهن به ڪنهن قوم کي عملي طور تي ڳنڍڻو پوندو ته ثقافت جو ان ۾ اهم ڪردار رهي ٿو ۽ ايئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ثقافت قوم کي عملي طرح قوم بڻجڻ جا بنياد فراهم ڪري ٿي. آمريڪن قونصل خاني ڪراچي پاران قونصل جنرل برائن هيٿ جي رھائش گاھ تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ موسيقيءَ جي تقريب رکي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو.گذريل ڇهن سالن کان آمريڪي قونصل خانو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ھر سال تقريب جو اھتمام ڪندو رهي ٿو.[2]